پاڪستانسنڌ

پ پ حڪومت سنڌ ۾ تباھي جي ذميوار آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پيپلزپارٽي 14 سالن کان سنڌ جي اقتدار ۾ رھي عوام کي مسئلن ۽ مصيبتن کانسوا ڪجھه نه ڏنو آھي، شھباز شريف حڪومت سنڌ کي نوڪرين ۽ ترقياتي منصوبن جو پيڪيج فوري طور ڏئي ته جيئن سنڌ جي ماڻهن مان احساس محرومي ختم ٿئي، پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري سنڌ ۾ ڏڪار واريون حالتون آھن، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، صوبائي حڪومت سنڌ جي عوام کان لاتعلق بڻيل آھي.

اياز لطيف پليجي چيو ته 18 ترميم کانپو پ پ حڪومت سمورن کاتن جي ذميوار آھي پر سنڌ جو عوام اٽي، لٽي ۽ اجھي لا پريشان آھي، ھر کاتي ۾ بي پناھه ڪرپشن ڪري عوام جي دولت تي ڌاڙا ھڻي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ڪئي وئي آھي، پ پ حڪومت سنڌ ۾ تباھي جي ذميوار آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته عوام پيپلزپارٽي جي ڊرامي بازي کي سمجھي چڪو آھي، سنڌ جو باشعور عوام ڪڏھن به دوکي ۾ نه ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button