اسلام آبادپاڪستان

راجا پرويز اشرف سان قطر جي سفير جي ملاقات، ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهيون

اسلام آباد:قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن الفيصل ثاني پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي وارن اهم معامن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. قومي اسيمبلي اسپيڪر چيو ته پاڪستان برادر اسلامي ملڪ قطر سان لاڳاپن کي قدر جي نطر سان ڏسي ٿو، برادر ملڪ قطر هر ڏئي وقت ۾ پاڪستان سان پاڻ ملهايو آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان قطر سان پارلياماني رابطن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني وفدن جي ڏي وٺ سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو وٺي سگهجي ٿو. تعليم جي شعبي ۾ 10 لک پاڪستاني ٻارڙن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ تي قطري حڪومت جا ٿورائتا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button