اسلام آبادپاڪستان

شهباز شريف چيني سفارتخاني پهچي ويو

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ چين جي سفارتخاني جي دوري دوران چين جي ناظم الامور فينگ چنگ زو سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ افسوس ۽ تعزيت ڪندي چيو ته واقعي جي تيزي سان جاچ ڪنداسين ۽ جوابدارن کي قانون مطابق عبرت جو نشان بڻائينداسين. اڱاري تي وزيراعظم شهبازشريف چين جي صدر شي جن پنگ لاءِ خاص تعزيتي پيغام به لکيو. وزيراعظم شهبازشريف ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي ۾ چيني رهواسين جي مارجڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته وحشياڻي حملي تي پوري پاڪستاني قوم ڏک ۾ آهي. پورو پاڪستان چين جي حڪومت، عوام ۽ متاثر گهراڻن سان دلي همدردي ۽ افسوس ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي سر زمين تان هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي چٿڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته گهرو وزير رانا ثناءُالله کي اڄ اربع تي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته جوابدارن جي گرفتاري ۽ سزا ڏيارڻ تائين سک سان نه ويهندسين. چيني رهواسين جي قاتلن کي ڦاهي ڏيارينداسين. شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾لاڳاپن تي حملو برداشت کان ٻاهر آهي. هن عظيم ٻطرفي لاڳاپن کي متاثر نه ٿيڻ ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي احترام سان سندس گهرن ڏانهن واپسي لاءِ سمورا انتطام ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ چيني رهواسين ۽ ادارن جي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ فول پروف بنائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهبازشريف تعزيتي ڪتاب ۾ لکيو ته جوابدارن کي آخري انجام تائين پهچائڻ ۾ڪائي ڪسر نه ڇڏينداسين. وزيراعظم سان گڏ احسن اقبال، مريم اورنگزيب ۽ حنا رباني کر ۽ گهرو وزير رانا ثناءَالله به موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button