پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاهه جي مک چوڪ تي لڳل دنبورو ٽٽڻ لڳو، انتظاميا ڪو نوٽيس نه ورتو

ڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه جي مک چوڪ تي لڳل شاهه لطيف جو تاريخي دنبورو انتظاميه جي بي ڌياني سبب ٽٽڻ لڳو، چونڊيل نمائندن سميت انتظاميه ڪو نوٽيس نه ورتو، ڀٽ شاهه جي سونهن بڻيل دنبورو ٽٽڻ باوجود انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي، سالياني ڪروڙين روپين جي بجيٽ باوجود اختيارين شاهه لطيف جي شهر ۾ خوبصورتي بڻيل دنبوري جي مرمت نه ڪئي، 1986 کان قائم ڪيل دنبوري جي مختلف وقتن تي مرمت ڪئي ويندي آهي ۽ گذريل بلدياتي نظام دوران به اڳوڻي چيئرمين سيد گدا حسين شاهه پاران دنبوري جي مرمت ڪري ان کي خوبصورت بڻايو ويو هو، پر هن وقت انتظاميه جي عدم دلچسپي سبب لکين روپين جي لاڳت سان تيار ڪيل دنبورو سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري پنهنجي خوبصورتي وڃائي ويٺو آهي نه صرف دنبورو ٽٽي چڪو آهي پر ان ۾ لائيٽنگ ۽ پاڻي جا ڦهارا توڙي موٽر به تباهه ٿي ويا آهن.

پاڻي جا ڦهارا ته ڪافي وقت کان ٽٽي چڪا هئا پر هاڻي ته دنبورو ۽ تارون به ٽٽي ويون آهن ۽ اندر ڪچري جون ٿيلهيون به اڇلايون وڃن ٿيون، وڏي عرصي کان ان جي صفائي به نه ٿي آهي، شهرين علي مومن چانڊيو، شاهزيب علي راهو، رسول بخش ميربحر، محمد رشيد رند، سيد شفقت شاهه، محمد اعظم چوهاڻ، رحمدل مگسي ۽ ٻين مذمت ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته ڀٽ شاهه جو تاريخي دنبورو هن وقت ٽٽي تباهه ٿي ويو آهي ۽ انتظاميه تاريخي شين جي سار سنڀال لهڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، چونڊيل نمائندن ۽ عملدارن کي فوري طور تي نوٽيس وٺي لطيف سرڪار جي تاريخي شين جي حفاظت ڪرڻ گهرجي، هنن مطالبو ڪيو ته ڀٽ شاهه جي تاريخي شين جي سار سنڀال لهي تاريخي دنبوري کي ساڳي پوزيشن ۾ مرمت ڪري، ان جي خوبصورتي کي برقرار رکيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button