اسلام آبادپاڪستان

ڪراچي ڌماڪو پاڪ -چين دوستي تي سڌو حملو آهي:پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد : پرڏيهي آفيس ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي پاڪ چين دوستي ۽ جاري تعاون تي سڌوسنئون حملو قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ مذمت جوڳي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته حملي ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ۾ڪم ڪندڙ چيني شهرين سميت ٻيا بي ڏوهه ماڻهو مارجي ويا. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام فوتين جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿو. عاصم افتخار چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن، ڌماڪي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته هي بزدلاڻو واقعو پاڪ چين دوستي ۽ جاري تعاون تي سڌوسنئون حملو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق پاڪستان چيني شهرين، منصوبن ۽ پاڪستان ۾ ادارن جي حفاظت کي خاص اهميت ڏي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button