پاڪستانسنڌ

هالا لڳ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن هٿان همراهه قتل، وارثن پوسٽ مارٽم نه ڪرايو

ھالا: هالا ويجهو ڳوٺ ننگر خان ڀنڀرو جو رهواسي وڏيرو امير بخش ڀنڀرو موٽرسائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته ڳوٺ شاھه محمد ڏاهري وٽ موٽرسائيڪل تي سوار تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا. فائرنگ جي آواز تي ڳوٺاڻن رستي تي زخمي حالت ۾ پيل همراهه کي فوري طور تي تعلقه اسپتال هالا پهچايو، جتي زخمن جي سٽ نه سهندي امير بخش ڀنڀرو دم ڌڻي حوالي ڪيو. واقعي جي اطلاع مقتول جا سوين مائٽ ۽ دوست فوري طور تي اسپتال پهچي ويا.

ٻئي طرف مقتول جي ڀاءُ پوليس وٽ ابتدائي رپورٽ لکرائيندي چيو ته سندس ڀاءُ جي قتل ۾ سندس ئي برادري جا 4 جوابدار خير محمد عرف شير محمد ڀنڀرو، حسين بخش پٽ پٺاڻ ڀنڀرو، دودو پٽ پٺاڻ ڀنڀرو ۽ مٺو ڪنڊاڻي ملوث آهن، هوڏانهن مقتول جا وارث لاش کي بغير پوسٽ مارٽم جي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ننگر خان ڀنڀرو کڻائي ويا، واقعي بعد هالا، هالاپراڻا، ڀٽ شاھه ۽ ڀاڻوٺ جي پوليس جي وڏي نفري ڳوٺ ننگر خان ڀنڀرو ۾ امن ۽ امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پهچي ويئي، ٻئي پاسي وڌيڪ خونريزي کي روڪڻ لا ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ جي حڪم تي ڳوٺ ننگر ڀنڀرو ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪئي ويئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button