پاڪستانسنڌ

ڀان ۾ بجلي شارٽ سرڪٽ سبب 6 دڪانن جا ڇپرا سڙي رک، دڪاندار زخمي

ڀان سيدآباد: ڀان سيدآباد شهر جي با پاس روڊ تي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ ڪري 6 دڪانن جا ڇاپرا سڙي رک ٿي ويا، هڪ دڪاندار سڙي زخمي ٿيو، خبر موجب ڀان سيدآباد شهر جي با پاس روڊ تي ڇني موڙ وٽ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان 6 دڪانن جي ڇپرن کي باھه لڳي وئي، جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو، باھه لڳڻ سبب 6 دڪانن جا ڇپرا، ھڪ ڪيبن ۽ ھڪ موٽرسائيڪل سڙي رک ٿي وئي، باهه لڳڻ جو اطلاع وقت تي ئي ٽائون انتظاميه کي ڏنو ويو پر ڀان سيدآباد ٽائون ۾ فائربرگيڊ گاڏي موجود نه هجڻ سبب فائربرگيڊ نه پهتي.

بعد ۾ سيوهڻ ميونسپل جي فائربرگيڊ کي اطلاع ڏنو ويو پر اها پڻ نه پهتي، متاثر دڪاندارن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي، دڪاندارن عدنان عباسي، اظھر جلباڻي، دلدار جلباڻي جي اڳواڻي ۾ ٽائون انتظاميا ڀان خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي متاثر دوڪاندارن دانهيندي چيو ته ٽائون انتظاميا ڀان سيدآباد سان بار بار رابطو ڪرڻ باوجود باھه کي وسائڻ لا فائربرگيڊ نه پهتي، جنهن سبب لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو، باھه کي وساڻڻ دوران هڪ دڪاندار سينگار جلباڻي سڙي سخت زخمي ٿي پيو، دڪاندارن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button