پاڪستانسنڌ

سامارو لڳ گهر مان لکن جو ڌاڙو، مزاحمت تي 3 ڀائر زخمي

سامارو: سامارو لڳ شوقي مل ماڙي ڀرسان ٽن ڀائرن غلام مصطفى، انور ۽ زاھد آرائين جي گھر ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم ٻٽ ٻڌل 8 ھٿياربندن گھرن ۾ گھڙي ھٿيارن جي زور تي گھرڀاتين کي تشدد ڪري يرغمال بڻائي ورتو، جنهن بعد هٿياربندن ڏيڍ لک رپيا روڪ رقم، 11 تولا سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان ۽ ضروري ڪاغذ ڦر ڪيا، ان دوران ھٿياربندن سان مزاحمت ڪرڻ گھرڌڻين غلام مصطفى آرائين، زاھد ۽ انور ڪھاڙيون ۽ ھٿيارن جا بٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا. اھڙي اطلاع تي سامارو پوليس پھچي ناڪابندي ڪئي، پر ھٿياربند فرار ٿي ويا. زخمي ٽن ڀائرن غلام مصطفى، انور ۽ زاھد کي سامارو تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان کين حيدرآباد لا ريفر ليٽر ڏنو ويو. هوڏانهن گھرڌڻي زخمين غلام مصطفى آرائين ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان ننڊ ستل ھئاسين ته 8 ٻٽ ٻڌل ھٿياربندن اسان جي گھرن ۾ گھڙي اسان سميت سمورن گھر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بنائي يرغمال ڪري گھرن ۾ پيل روڪ رقم ڏيڍ لک رپيا، 11 تولا سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان، ٽريڪٽر جا ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ کڻي فرار ٿي ويا، اسان جي ھڪلن ۽ رڙين تي ٻين ڳوٺن جا ڳوٺاڻا پھتا ته ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. ھنن پوليس جي اعلى عملدارن کان گهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ڦر ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button