سنڌ

ڪراچي دهشتگردي پاڪستان تي حملو آهي،دهشتگردن جي پاڙ پٽي ڇڏينداسين:بلاول ڀٽو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو واقعو پاڪستان تي حملو آهي.پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان جي رياست دهشتگردي جي پاڙ پٽي ڇڏيندا. ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ سي اي سي جي هائبرڊ اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان اڳواڻ شريڪ ٿيا، جنهن ۾ ڪراچي دهشتگردي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. پ پ چيئرمين چيو ته سي اي سي کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ڌماڪي بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڪراچي ۾ دهشتگردي جو واقعو پاڪستان تي حملو آهي، هي ملڪ جي ترقي خلاف سازش آهي، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. پيپلز پارٽي ۽ رياست پاڪستان دهشتگردي جي پاڙ پٽي ڇڏيندا. هن بلوچ نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان مان ڪجهه ماڻهو ناراض آهن، پرامن جدوجهد ذريعي حق حاصل ڪري سگهجن ٿا، سمورن مسئلن جو حل جمهوريت ۾ آهي، پر ڪنهن دهشتگرد کي پنهنجي ايجنڊا خاطر بلوچ نوجوانن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڌماڪو بلوچ ڀيڻ ڀائرن جي حقن جي نالي تي ڪيو ويو آهي، پڇان ٿو اسان جي نوجوانن کي بم ۾ تبديل ڪري ڪيئن حق وٺي سگھو ٿا. هن وڌيڪ چيو ته غير جمهوري شخص اسان تي مڙهيو ويو هو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي، اسان ضياءُ الحق، مشرف ۽ سليڪٽڊ جي نظام جو مقابلو ڪيو، 9 اپريل جي سازش ۾ ڊپٽي اسپيڪر سان گڏ اسپيڪر ۽ صدر به ملوث هئا. سندس چوڻ هو ته آئين ٽوڙيو ويو، ڪاغذ سمجهي ڦاڙيو ويو، اسان جي آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ تي حملي جي جاچ ٿيڻ گھرجي، ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گھرجي ته رات جي اونداهي ۾ ڇا ٿيو. هن چيو ته عمران خان جي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي، اڳوڻو وزيراعظم “مونکي ڇو نه بچايو” جي مهم هلائي رهيو آهي، هر اهو ادارو عمران خان جي بندوق جي نشاني تي آهي، جنهن خان صاحب کي ناهي بچايو، هڪ شخص جي ڪري سمورا ادارا تڪراري بڻجي ويا هئا، سمورن ادارن کي قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گھرجي، اميد ڪريون ٿا ته سمورا ادارا آئيني ڪردار ادا ڪندا، تڪراري ڪردار نه. بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته نواز شريف افطاري تي پنهنجي گھر گھرايو هو، اسان اهم فيصلا ورتا آهن، ن ليگ سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ميثاق جمهوريت تي عمل ٿيندو، اسان عمران خان کي گھر اماڻيو آهي، مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، چونڊ سڌارا ضروري آهن. هن چيو ته عمران هڪ ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۽ ٻئي ڏينهن عدالتن جي پويان پئجي وڃي ٿو، اسان اهم فيصلا ڪري ڇڏيا آهن، ن-ليگ سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ميثاق جمهوريت تي عمل ڪنداسين، سمورن مسئلن جو حل جمهوريت ۾ آهي. اسان اميد ٿا ڪريون ته سمورا ادارا پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button