پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ شڪارين وڌيڪ هڪ ناياب هرڻ ماري ڇڏيو،ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

مٺي: مٺي جي ڳوٺ رنگيلو ڀرسان ھٿياربند شڪارين ناياب نسل جو هڪ وڌيڪ هرڻ ماري ڇڏيو، ڳوٺاڻا ۽ سول سوسائٽي جا اڳواڻ شڪارين خلاف روڊن تي نڪري آيا. خبر موجب مٺي تعلقي جي ڳوٺ رنگيلو ڀرسان سنڌ سرڪار پاران بندش وڌل گيم سينچري ايريا جي آسائشي علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربند شڪارين ناياب نسل جا هرڻ شڪار ڪرڻ لا هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن ڪري علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو. ڳوٺاڻا فائرنگ جا آواز ٻڌي غير قانوني ٿيندڙ شڪار واري هنڌ پهتا ته سلور ڪلر جي جمني جيپ ۾ سوار شڪاري هڪ ماريل هرڻ ساڻ کڻي ڀڄي ويا. ڳوٺاڻن بروقت مقامي پوليس ۽ وائلڊ لائف کاتي جي ضلع ڪامورن کي اطلاع ڪيو ۽ شڪارين جي جيپ بابت نشاندهي ڪئي پر لاڳاپيل اختيارين ناڪابندي ڪري شڪارين کي روڪڻ جي ڪابه زحمت نه ڪئي. اهڙي واقعي بعد سماجي ڪارڪن آفتاب سميجو، اعجاز بلوچ، سالم سومرو، يامين سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شڪار بند نه ٿيڻ ۽ رنگيلو ڳوٺ ڀرسان وڌيڪ هرڻ مارڻ خلاف صادق فقير چوڪ کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ڇڏيو. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن وائلڊ لائف کاتي ۽ شڪارين خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن ڳالهائيندي چيو ته گيم سينچري ۾ ناياب نسل جي هرڻن جو غير قانوني شڪار مقامي ڪامورن ۽ وڏيرن جي ملي ڀڳت سان جاري آھي.هنن چيو ته مٺي جي عدالت ۾ شڪار خلاف ڏنل درخواست تي اڄ شنوائي هئي ۽ ڪامورا طلب ٿيل هئا. انهي ڏينهن رنگيلو ڳوٺ ڀرسان شڪارين هڪ هرڻ ماري کڻي فرار ٿي ويا. پوليس ۽ وائلڊ لائف کاتي جي ڪامورن کي بروقت طلاع ڏيئي جيپ جي نشاندهي ڪئي پر ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي. هنن چيو ته ھٿياربند شڪاري روڪڻ تي ڳوٺاڻن مٿان به فائرنگ ڪن ٿا، زندگيون پڻ خطري ۾ آھن. ٻئي طرف احتجاج بعد وائلڊ لائف کاتي ٿرپارڪر ائٽ مٺي پاران واقعي جي نامعلوم شڪارين خلاف وائلڊ لائف ايڪٽ تحت ايف آء آر ڪاٽي ورتي آھي ۽ چيو آھي ته اڃا شڪارين جي نالن جو پتو پئجي نه سگهيو آھي. هنن تصديق ڪئي ته سرزمين تان شاهديون مليون آھن ته شڪارين غير قانوني طور شڪار ڪيو آھي، جنهن جي جاچ جاري آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button