پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ ٽائون عملي خلاف استاد جو احتجاج

ڊگھڙي: ڊگھڙي شھر ۾ گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ڀرسان جي رھواسي استاد محمد جاويد قائمخاني صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته منهنجي گھر اڳيان گذرندڙ گٽر نالي جي صفائي ڪري ٽائون عملو گهر اڳيان گند ڪچرو ڦٽو ڪري هليو ويندو آهي، جنهن ڪري ڌپ ۽ گند سبب آزار ۾ آهيون. سحري ۽ افطاري وقت به سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اسان بار بار ٽائون ڪميٽي انتظاميا کي آگاهھ ڪيو آهي، پر عملدار ٻڌن ئي نٿا. هن گهر ڪئي ته منهنجي گهر اڳيان گند ڪچرو ڦٽُو ڪندڙ ٽائون عملي خلاف قدم کڻي صفائي ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button