پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ميرٽ تي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون آهن:ذوالفقار بچاڻي

ٽنڊوالهيار: پ پ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي چيو آهي ته پ پ هميشه عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي ۽ عوام سان ڪيل واعده نڀايا آهن، پ پ جيڪو نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، اهو اڄ پورو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر هال ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن ۾ ماستري جا آفر آرڊر ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي سنڌ ۾ ميرٽ جي بنياد تي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون آهن، جئين اهي نوجوان مستقبل جي معمارن کي علم جي زيور کان مالامال ڪري سگهن، هن وقت تائين 280 نوجوانن کي نوڪرين جا آفر آرڊر ڏنا ويا آهن، اهي نوجوان اسڪولن ۾ علم جي روشني ڏيندا، جنهن سان ڪيترائي بند اسڪول کلندا ۽ مستقبل جا معمار علم جي زيور سان مالامال ٿي ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته استاد ئي انسان کي فرش کان کڻي عرش تائين پهچائي ٿو، جن نوجوانن کي آفر آرڊر ناهن مليا، اهي اڃا به وڌيڪ محنت ڪن. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر ولي محمد بلوچ ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button