پاڪستانسنڌ

تحريڪ انصاف جا اليڪشن ڪمشنر پاڪستان خلاف مظاهرا

حيدرآباد: پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اليڪشن ڪمشنر پاڪستان خلاف مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ٽنڊوالهيار ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن فدا حسين چوهاڻ، اسلم لغاري، علي نواز انڙ، نهال لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ميرپورخاص ۾ تحريڪ انصاف ضلعي ميرپورخاص جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ضلعي اليڪشن آفيس آڏو ممتاز شاهه، آفتاب احمد قريشي ۽ ڪنول اعجاز جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مٺي ۾ ڪارڪنن سوراڻي هائوس کان ريلي ڪڍي، ريلي ڊگري ڪاليج، ڪشمير چوڪ ۽ پراڻي ناڪي کان ٿيندي ٿرپارڪر اليڪشن ڪمشنر جي آفيس پهتي. جتي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن تحريڪ انصاف سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري وڪيل لجپت سوراڻي ڀيل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان هن امپورٽيڊ حڪومت کي رد ٿا ڪريون، اليڪشن ڪمشنر کي گهرجي ته پي ٽي آئي جي منحرف ميمبرن خلاف ڪارروائي ڪري کين تاحيات نااهل قرار ڏي. اليڪشن ڪمشنر کي هٽائي نيون چونڊيون ڪرايون وڃن. احتجاج ۾ جيٺو موڙاڻي، ملوڪ ڀيل، سوائي گر گوسوامي، صديق جمالاڻي، سومار ڀيل، ڪپيل گر گوسوامي ۽ واگهجي راجاڻي موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button