سنڌ

دريا خان مري ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو،3 فوٽ پٽڙي اڏامي وئي

دريا خان مري ڀرسان خانڻ شاهه اسٽاپ ويجھو تاج محمد ميرجت اوپن ڦاٽڪ وٽ ڌماڪي سان ٽريڪ جو 3 فوٽ 8 انچ حصو اڏامي ويو. ڌماڪي کانپو ڳوٺاڻن ٽريڪ تي ايندڙ علامه اقبال ريلوي ٽرين کي ريلوي ٽريڪ تي اچي ڊرائيور کي گاڏي روڪڻ جا اشارا ڏنا، جنھن بعد ڊرائيور ٽرين کي ايمرجنسي بريڪ لڳائي حادثي کان بچائي ورتو. ريلوي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي، ڌماڪي بعد ريلوي ٽريڪ آمد رفت لاءِ بند ڪيو ويو، جنھن سبب ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشنن تي بيھاريو ويو. ٻانڌي پوليس موقف ڏيندي چيو ته حادثي وارو ھنڌ دريا خان مري جو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button