سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جو چانڊڪا اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي جي رهواسي نوجوان سول لائين ٿاڻي جي پوليس ۽ چانڊڪا اسپتال جي انتظاميا جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان محمد ابراهيم کوسو دانهيندي چيو ته 8 ڏينهن اڳ ننڍي ڀاءُ محمد سليمان کوسو کي پيٽ جي تڪليف سبب چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو، جتان نامعلوم چور اسپتال جي چوڪيدار جي ملي ڀڳت سان وارڊ ۾ داخل ٿي ڀاءُ محمد سليمان جي موبائيل فون ۽ 15 هزار روپيا روڪ چوري ڪري ويو، اهڙي دانهن سول لائين ٿاڻي ۽ چانڊڪا اسپتال انتظاميه کي ڏني، پر هن وقت تائين چورن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي ۽ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي چوري ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري سامان ۽ رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button