پاڪستان

بشير ميمڻ مني لانڊرنگ سميت ٽن ڪيسن ۾ بيڏوهي قرار

لاهور: لاهور جي سيشن عدالت اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي بي قصور قرار ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور جي ايڊيشنل سيشن جج بشير ميمڻ خلاف ڪيس جي شنوائي ڪئي. جنهن ۾ ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي بي قصور قرار ڏيندي پنهنجي موقف ۾ چيو ته جاچ دوران بشير ميمڻ بي گناهه ثابت ٿيو ۽ هاڻ هو اسان کي ڪنهن به ڪيس ۾ گهربل ناهي. عدالت ايف آءِ اي جي رپورٽ کان پوءِ بشير ميمڻ کي بي قصور قرار ڏنو جنهن کان پوءِ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي پنهنجون عبوري ضمانت جون درخواستون عدالت مان واپس وٺي ڇڏيون. ياد رهي ته درخواستگذار 2 درخواستون هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪري رکيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button