اسلام آبادپاڪستان

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد :اڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو ملڪ جو 37 هون پرڏيهي وزير بڻجي ويو،صدر عارف علوي پ پ چيئرمين کان حلف ورتو. ڪالهه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. حلف برداري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جتي صدر عارف علوي پ پ چيئرمين کان حلف ورتو. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ پ پ قيادت سميت ٻين حڪومتي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بلاول جي ڀيڻ آصفا ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڀيڻ صنم ڀٽو پڻ موجود هئي.حلف کڻڻ کانپوءِ صدر عارف علوي بلاول ڀٽو سان هٿ ملايو ۽ کيس مبارڪباد پيش ڪئي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ڀاڪر پائي بلاول کي پرڏيهي وزير بڻجڻ تي مبارڪ ڏني. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير جو حلف کڻڻ سان گڏ ئي صدر عارف علوي سان ون آن ون ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي صورتحال سميت ٻيا معاملا بحث هيٺ آيا. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ملاقات ٿي، صدر پاران بلاول ڀٽو زرداري کي وفاقي وزير جو عهدو ملڻ تي مبارڪ ڏني وئي. بلاول ڀٽو ملاقات ڪرڻ سان گڏ ئي ايوان صدر مان روانو ٿيو. ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته صدر سان ملاقات ۾ ڪهڙا معاملا بحث هيٺ آيا. ملڪ جو صدر جواب ڏيڻ بنا مرڪندي هليو ويو. صحافي صدر کان سوال ڪيو ته جناب صدر ٻه منٽ صحافين کي به ڏيو، صدر مرڪندي اڳتي نڪري ويو. ياد رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو 37هون پرڏيهي وزير بڻجي ويو آهي. هو ملڪي تاريخ جو ننڍي ڄمار وارو پرڏيهي وزير بڻيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو نانو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو 12 هون پرڏيهي وزير هو. چيئرمين بلاول کي ملڪي تاريخ جو گهٽ عمر وارو پرڏيهي وزير بڻجڻ جو اعزاز به حاصل ٿيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري 33 سال 7 مهينا ۽ 6 ڏينهن جي عمر ۾ حلف کڻي پاڪستان جو ننڍي عمر وارو پرڏيهي وزير بڻجڻ جو اعزاز ماڻيو. شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي پرڏيهي وزير طور حلف کڻڻ وقت عمر 35 سال، 5 مهينا ۽ 10 ڏينهن جڏهن ته حنا رباني کر جي عمر 33 سال 8 مهينا ۽ هڪ ڏينهن هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button