پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ غيرقانوني شڪار ۽ شڪارين خلاف رهواسين جو احتجاج

مٺي: مٺي ۾ جهنگلي جيوت جي غير قانوني شڪار ۽ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ مقامي ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري صادق فقير چوڪ کان ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو. ان موقعي تي سماجي ڪارڪن آفتاب سميجو، اعجاز بلوچ، همدرد حضور بخش جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته ٿر ضلعي جي جهنگلي جيوت جي آسائش لا مخصوص ڪيل گيم سينچري ۾ ناياب نسل جي هرڻن جو غيرقانوني شڪار مقامي ڪامورن ۽ وڏيرن جي ملي ڀڳت سان جاري آھي، وائلڊ لائف کاتي شڪار جي ظاهر ٿيل سهولتڪار صاحب دل ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، ڪامورا رڳو رپورٽ داخل ڪري ذميواري کان آجا بڻيل آھن، غيرقانوني شڪار ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. هنن چيو ته هرڻ جي شڪار جو پوليس ۽ وائلڊ لائف کاتي جي ڪامورن کي بروقت طلاع ڏئي شڪاري جمني جيپ جي نشاندهي ڪئي، پر شڪاري هرڻ ماري آساني سان فرار ٿي ويا ۽ ڪامورن ڪارروائي نه ڪئي، ھٿياربند شڪار روڪڻ تي ڳوٺاڻن مٿان به فائرنگ ڪن ٿا، بااثر شڪاري ۽ مقامي سهولتڪار اسان کي خاموش ڪرائڻ لا ڌمڪائي رهيا آھن. هنن چتا ڏنو ته جيستائين وائلڊ لائيف کاتي جي ذميوار ڪامورن کي هٽائي شڪارين کي گرفتار نه ڪيو ويندو، تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button