پاڪستانسنڌ

فريدآباد باهه واقعي جي جاچ لا هيومن رائيٽس ٽيم پهتي

فريدآباد: سنڌ ھيومن رائيٽس چيئرپرسن جسٽس (ر) ماجده رضوي جي حڪم تي سنڌ ھيومن رائٔيٽس ڪميشن گورمينٽ آف سنڌ جي ٽيم فريدآباد جي ڳوٺ فيض محمد چانڊيو پهچي باهه متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ تعزيت ڪئي. ان موقعي تي جاچ آفيسر ظھير احمد ۽ پشما ڪماري واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري امدادي ڪمن جا تفصيل ورتا. باھه متاثر عورتن، مردن ۽ ٻارن نبي جڙيو، ڍولڻ، مولابخش، بانو، اميران، درناز، مرادان، معصوم نينگري گل ناز ۽ ٻين انتظاميا پاران گهرن جي باهھ نه وسائڻ، پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ، چيڪ پاس نه ٿيڻ ۽ بقايا چيڪ نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون ۽ دانھون ڪندي چيو ته سرڪار اسان کي چيڪ ۽ جايون ڏيڻ ۾ نظرانداز ڪيو آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته متاثرن جي حقيقي سروي ڪرائي اسان کي به چيڪ ۽ گهر ڏنا وڃن. هوڏانهن باھه متاثر ڳوٺاڻن اميد علي چانڊيو، حنيف، ذوالفقار،سرور ۽ ٻين ضلعي انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي دانھيو ته سرڪار اسان جي گهرن ۾ دکندڙ باهھ وسائڻ ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪو انتظام ناهي ڪيو، نه ئي چيڪ پاس ڪرائي ڏي ٿي. ٻئي طرف الخدمت فائونڊيشن ضلعي دادو جي اڳواڻن خير محمد تنيو، محمد موسى ٻٻر، واحد بخش ٻٻر، عبدالواحد ڪنڀر، امتياز علي چانڊيو، علي حيدر کوسو، فھد بروھي ۽ ٻين 200 باهھ متاثرن ۾ راشن، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ورهايو. جڏهن ته دعا زم زم ويلفيئر ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي باني طارق شاهاڻي جي معصوم نينگرين دعا 70 ھزار ۽ زم زم 50 ھزار پنهنجي خرچي مان گڏ ڪري باھه متاثرن وٽ پهچي متاثر ٻارن ۾ رقم ورهائي. سماجي تنظيم پاران 30 کٽون ۽ راشن به ورهايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button