پاڪستانسنڌ

سنڌ جي حڪمرانن نوجوانن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي: اياز لطيف پليجو

بدين: قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سنڌ جي حڪمرانن صوبي جي نوجوانن کان اميد خاطر جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، ان سان گڏ سماج جي بي قدري سنڌ جي نوجوانن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، بدين ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرحوم رهنما صالحان گوپانگ جي نوجوان فرزند ساگر گوپانگ جي وڇوڙي تي والد رشيد گوپانگ ڀاءُ سانول گوپانگ سان تعزيت بعد ڳالهائيندي اياز لطيف وڌيڪ چيو ته سرڪاري نوڪرين ۾ ميرٽ جي لتاڙ پرائيويٽ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ سنڌ جي نوجوانن سان ٻه اکيائي سبب نوجوان طبقي ۾ مايوسي ڇانيل آهي.

هن چيو ته ميرٽ جي لتاڙ سرڪاري نوڪرين جي پئسن تي وڪري سبب نوجوان طبقو مايوس آهي، سنڌ ۾ وسيلن جي ڦرلٽ سبب ميهڙ لڳ فريدآباد جي ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ 9 ٻار زنده سڙي مري ويا، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ساگر گوپانگ محنتي پر جستجو نوجوان هو، جنهن جي اچانڪ وڇوڙي تي ڏک پهتو. هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن ايم ڪيو ايم سان سنڌ دشمن معاهدو ڪيو آهي. هاڻي تڪبندي لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي وئي ان ۾ ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي سندن ٻه اهم سينيئر ڪامورا کنيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button