سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ آءِ بي اي پاس 50 پلس مسلم اميدوارن سنڌ حڪومت جي مبينا غلط پاليسين خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اميدوارن سيد ظفر شاھه، جاويد جهتيال، سرمد لاڙڪ، عرفان ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 50 مارڪن تي هڪ غير مسلم پاس ٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته مسلم اميدوار کي فيل ڪيو ويو آهي، صوبائي حڪومت اقليتن ۽ ڇوڪرين کي ترجيح ڏني آهي، جڏهن ته 50 کان 54 وارا فيل آهن. هنن چيو ته جيڪر سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي مذهبي ۽ جنسي فرق ختم نه ڪيو ته پوءِ اسان جلد سپريم ڪورٽ ۾ انصاف لاءِ وينداسين، جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي کي غلطين جي نشاندهي باوجود هڪ به مارڪ نه ملي آهي، ثبوت ڏيڻ باوجود حڪومت ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي پنهنجو حق ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button