سنڌ

اوٻاوڙو ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل،ٻيو زخمي

اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇتو ڊهو ۾ زمين جي تڪرار تان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب گهر ڌڻي محمد عاصم جٽ قتل ۽ سندس ملازم محمد اقبال آرائين سخت زخمي ٿي پيو. واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو، جتي علاج جون سهولتون نه هجڻ ڪري زخمي کي نازڪ حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو. مقتول جي ڀا محمد عاطف الزام هنيو ته زمين جي معاملي تان مخالفن گهر ۾ داخل ٿي منهنجي ڀا کي قتل ڪيو. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي ڀا جي فرياد تي شروعاتي رپورٽ داخل ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون. واقعو دشمني جو آهي يا چوري معاملي تان پيش آيو آهي، اصل حقيقت جي خبر پوڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button