
اسلام آباد:سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي خيرات گهرندڙن لاءِ 3 سال ۽ گهرائيندڙن لاءِ هڪ سال جي سزا تجويز ڪري ڇڏي. ڪالهه سينيٽر محسن عزيز جي صدارت هيٺ سينيٽ جي گهرو قائما ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر سيمي ايس ڊي پاران خيرات گهرندڙن بابت پيش ڪيل بل تي غور ڪيو ويو. ڪميٽي گداگري کي روڪڻ ۽ خيرات گهرندڙن جي بحالي لاءِ بل منظور ڪري ورتو. بل ۾ پنندڙ لاءِ 3 سال ۽ پنائيندڙن لاءِ هڪ سال سزا تجويز ڪئي وئي آهي. قانون واري وزارت جي نمائندي پاران بل جي مخالفت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته اسلام آباد لاءِ پهريان کان هڪ جامع قانون موجود آهي. چيئرمين ڪميٽي قانون واري وزارت جي نمائندن جي اعتراض کي رد ڪندي بل منظور ڪري ورتو.