سنڌ

جروار جي رهواسين جو بدامني ۽ ڦر خلاف احتجاجي مظاهرو

جروار جي رهواسين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن استاد راحب بوزدار کان 12 لک روپين جي ڦر واقعي خلاف ميرپورماٿيلو ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي استاد راحب بوزدار، استاد دليپ ڪمار، محبوب شاهه ۽ ٻين چيو ته گھوٽڪي ضلعي ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي. پوليس خبر ناهي ته ڪٿي گم آھي. ھنن چيو ته استاد راحب بوزدار کان ڏينھن ڏٺي جو ھٿياربند 12 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ان باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو. ھنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل پئسا واپس ڪرائي ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button