سنڌ

ڇور ۾ بس اڏو شهر کان ٻاهر ڪڍن خلاف شٽربند هڙتال،ريلي

ڇور ۾ بس اڏو شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ خلاف واپاري تنظيم جي سڏ تي ڪاروبار بند ڪري شٽربند هڙتال ڪئي وئي. واپارين ۽ شھرين پاران ڦاٽڪ چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شوڪت اسٽار، نواز علي نھڙي، شڪيل مڱريو، عبدالوحيد راجپوت، مشتاق علي، ابراھيم ۽ ٻين چيو ته بسن کي شھر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ شھرين سان وڏي ناانصافي آھي. بس اڏو ٻاھر ڪڍڻ سان شھر جي ڪاروبار کي وڏو نقصان ٿي رھيو آھي. اسان ڪورٽ سڳوري ۽ انتظاميا کي اپيل ڪريون ٿا ته فورن بس اڏو ٻاھر ڪڍڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ شھرين سان انصاف ڪيو وڃي. ياد رھي تي ڇور جي سماجي ورڪر صدام مڱريو پاران ڪنزيومر ڪورٽ عمرڪوٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ھئي ته بس اڏو شھر کان ٻاھر ٺھيل آھي، بسون شھر اندر اچڻ ڪري ٽريفڪ ڃام ٿئي ٿي، اهڙي درخواست تي ڪورٽ بسون شھر اندر اچڻ تي پابندي ھڻي انتظاميا کي حڪم جاري ڪيو ھو تي بسون شھر اندر داخل نه ٿين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button