ماتلي: بلوچستان جي وندر واري علائٔقي ۾ پرڻجي ويل ماتلي واسڻ عورت مبينا طور مڙس ھٿان قتل ٿي وئي، جوابدار فرار ٿي ويو. 12 ورھين جي نينگري حيات خاتون پنهنجي مامي محمد اسماعيل چانڊيو سان گڏ پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو انڪشاف ڪيو آھي ته سندس ما حوا کي سندس پي سليم چانڊيو رات جو ستل حالت ۾ ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ کانپو لاش کي دفنائٔڻ بعد پاڻ به گم ٿي ويو آھي.
نينگري حيات خاتون موجب ته ما جي قتل ۽ پي جي لاپتا ٿيڻ کانپو ھو پاڙي وارن جي گھر ۾ ھڪ مھينو گذاريو ۽ آخرڪار مامن سان رابطو ڪيو، جنهن بعد مامو اسماعيل وندر ڳوٺ پھچي کيس وٺي ماتلي پھتو آھي. مقتولا جي ڀا ڳوٺ نصير خان چانڊيو واسي محمد اسماعيل موجب ته سندس ڀيڻ جي شادي اٽڪل 15 سال اڳ سليم چانڊيو سان ٿيڻ کانپو ھو بلوچستان جي علائٔقي وندر ۾ رھندڙ ھئا. ھن موجب گذريل 5 سالن کان سندس ڀيڻ سان سندن رابطو نه ٿي سگھيو ۽ نه اچڻ وڃڻ ٿيو. محمد اسماعيل چيو ته سندس ڀاڻيجي حيات خاتون کيس فون تي ٻڌايو ته سندس پي سليم سندس ما ھوا کي ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري لاش ڪنهن جا تي دفن ڪري پاڻ به گم ٿي ويو آھي.