پاڪستانسنڌ

ميرپوربٺورو لڳ عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، ڳوٺاڻن جو مظاهرو

ميرپوربٺورو: ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ تي هٿياربندن جي چڙهائي، عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي عورت ۽ سندس مڙس زخمي، ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، خبر موجب ميرپوربٺورو جي ڳوٺ ٻوٿڙو جي رهواسين هارون ماڇي جي اڳواڻي ۾ صوفي شاھه عنايت پريس ڪلب ميرپوربٺورو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڳوٺ تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي.

ان سلسلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي زخمي نوجوان جي ڀاءُ هارون ماڇي چيو ته ته گذريل رات دير سان هٿياربندن پاران سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري سندس ڀاڄائي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي فائرنگ، لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي ڀاڄائي ۽ ڀاءُ رمضان ماڇي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته زخمي زال ۽ مڙس هن وقت اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل آهن، هن مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺ تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button