سنڌ

تعليم کاتي جي ڪلارڪ زاهد مري ۽ صحافي جي گمشدگي خلاف مظاهرا

تعليم کاتي جي ڪلارڪ زاهد مري ۽ پڊعيدن جي صحافي حيدر پلهه کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سياسي سماجي ڌرين پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي پنهل ساريو، آصف راهوجو، اياز راڄپر، ظفر کوکر، انعام مري ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. پڊعيدن مان صحافي حيدر پلهه ۽ تعليم کاتي جي ڪلارڪ زاهد مري ۽ رضوان بڙدي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن انعام گل مري ۽ صحافي عبدالجبار پلهه، سهيل پلهه، امجد بڙدي ۽ ٻين نصرت ڪئنال کان ريلوي ڦاٽڪ تائين ريلي ڪڍي. ان موقعي تي هنن چيو ته اسان زاهد مري جي کنڀجڻ واري عمل جي مذمت ڪيون ٿا. زاهد مري سيد جي عدم تشدد واري واٽ تي سياسي جدوجهد ڪندڙ پرامن شهري آهي، مٿس ڪو ڪيس آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چيو ته حيدر پلهه صحافي آهي، سندس ڪنهن به پارٽي سان تعلق ناهي، ان کي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي. ٻين نوجوانن کي به سنڌ مان کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي زاهد مري، صحافي حيدر پلهه ۽ ٻين کنڀي گم ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button