سنڌ

دريا خان مري ڀرسان ڪار واهه ۾ ڪري پئي،2 ڄڻا ٻڏي فوت

دريا خان مري ڀرسان مھراڻ ھا وي تي منگيا موري پل وٽ ڪار نصرت واهه ۾ ڪري ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٻڏي فوت ويا. خبر موجب دريا خان مري ڀرسان مھراڻ ھا وي منگيا موري پل وٽ ڪراچي کان سکر ويندڙ جي ايل آ ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري نصرت واهه ۾ ڪري ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار سئي گيس ڪمپني جو ڊرائيور نورالدين پٽ فيروز خان ۽ آغا خان اسپتال ۾ سروس اسٽيشن جو آرنر ياسين خان پٺاڻ پٽ رسول جان ٻڏي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ھڪ ڄڻو پنجاب چڪول جو رھواسي راجا نياز معجزاڻي طور بچي ويو. واقعي واري ھنڌ پوليس ۽ علائقي جا سوين ماڻھو گڏ ٿي ويا. ڪرين مشين سان ڪار کي چئن ڪلاڪن بعد ڪڍيو ويو، جنهن ۾ ٻڏي فوت ٿيلن جا مڙهه ڦاٿل هئا. فوتين جا مڙهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button