اسلام آبادپاڪستان

ايندڙ 10 ڏينهن دوران لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي اچي ويندي:خرم دستگير

اسلام آباد :وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته بجلي جي پيداواري صلاحيت نه پر تيل جو بحران آهي. ايندڙ 10 ڏينهن دوران لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي اچي ويندي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته تيل پورو نه ملڻ سبب 5 هزار 739 ميگاواٽ بجلي پيدا نه پئي ٿئي. 2156 ميگاواٽ بجلي ٽيڪنيڪي مسئلن سبب پيدا نه پئي ٿي. ايندڙ 10 ڏينهن دوران لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي اچي ويندي. هن چيو ته گرمي جي شدت سبب 2 کان 3 هزار ميگاواٽ اضافي گهرج پيدا ٿي آهي. خرم دستگير چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جا 2 سبب آهن. هڪ تيل پورو نه ملڻ سبب 5739 ميگاواٽ جي صلاحيت بند پيل آهي. جيڪڏهن فوري طور تي تيل ملي ويو ته 5739 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ٻيو سبب 2156 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ فني خرابي سبب آهي، ڪوشش آهي ته عيد جي ڏينهن دوران وڌيڪ حالتون خراب نه ٿين. هن چيو ته 2 مئي کان فرنس آئل جي فراهمي يقيني ٿيڻ جي اميد آهي ۽ ايندڙ 10 ڏينهن دوران بجلي جي معاملن ۾ بهتري جي اميد آهي. تيل جي کوٽ ۽ ٽيڪنيڪل مرمت جي سموري ذميواري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مٿان آهي. پلانٽس جي مرمت جو ڪم سياري ۾ ٿيڻ گهرجي ها. اسان بجلي گهرن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. پن بجلي وارن گهرن تي به لاڳيتو ڪم ڪيو پيو وڃي. گرمي وڌڻ سان بجلي جي کپت به وڌي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button