اسلام آبادپاڪستانپنجاب

گيلاني جي نااهلي بابت درخواست رد،علي حيدر خلاف ڪيس جو حڪم

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽر يوسف رضا گيلاني جي نااهلي خلاف تحريڪ انصاف پاران داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته سندس پٽ ايم پي اي علي حيدر گيلاني مٿان ڪرپٽ پريڪٽس جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن وڊيو اسڪينڊل ۾ سينيٽر يوسف رضا گيلاني ۽ سندس پٽ ايم پي اي علي حيدر گيلاني خلاف ڪيس جي شنوائي ڪئي. تحريڪ انصاف يوسف رضا گيلاني ۽ ايم پي اي علي حيدر گيلاني خلاف نااهلي جي درخواست داخل ڪئي هئي. اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني خلاف درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته هن ڪيس جون حقيقتون صحيح طريقي سان پيش ناهن ڪيون ويون. يوسف رضا گيلاني خلاف ڪي به شاهديون نه آهن هو سينيٽر رهندو. اليڪشن ڪميشن ڪرپٽ پريڪٽس ثابت ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر کي سيڪشن 168، 167 تحت علي حيدر گيلاني ۽ تحريڪ انصاف اسيمبلي ميمبر ڪيپٽن رٽائرڊ جميل ۽ فهيم خان خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪرپٽ پريڪٽس جي سزا 3 سال قيد، هڪ لک ڏنڊ يا ٻئي ٿي سگهن ٿيون. ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي فرخ حبيب، مليڪه بخاري، ڪنول شوزب ۽ عاليه حمزه يوسف رضا گيلاني ۽ سندس پٽ جي نااهلي جون درخواستون داخل ڪيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button