پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ 112 اميدوارن ۾ ماستري جا آرڊر ورهايا ويا

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ آئي بي اي ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ 112 اميدوارن ۾ آفر آرڊر ورهايا ويا. آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 112 اميدوارن ۾ 60 عورتن ۽ 52 مردن کي آرڊر ورهائڻ لا ڌار ڌار تقريبون ٽي اي او ميل ۽ فيميل آفيسن ۾ منعقد ڪيون ويون، جن ۾ تعليم کاتي جي عملدارن مختيار علي عمراڻي، محمد رفيق ٻجورو، علي اڪبر برهماڻي، نسرين خاصخيلي، غلام محمد ساند، عبدالخالق کوسو ۽ ٻين امتحان پاس ڪندڙ مرد ۽ عورت اميدوارن ۾ آفر آرڊر ورهايا ويا. ان موقعي تي آفر آرڊر حاصل ڪندڙ اميدوارن چيو ته اڄ سندن محنت جو ڦل ملي ويو آھي، اسان عزم ڪريون ٿا ته تعليم جي بهتري لا ڪردار ادا ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button