پاڪستانسنڌ

چمبڙ جي اڪثر شاخن ۾ پاڻي اڻلڀ، آبادگارن جا ڌرڻا

چمبڙ: چمبڙ جي اڪثر شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، جنهن خلاف آبادگارن ڌرڻا هنيا. ان سلسلي ۾ چمبڙ نصير برانچ جي سب ڊويزن چانگ جي ڇڇ شاخ، بجر شاخ ۽ ٻين ڪيترن ئي شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف سوين آبادگارن سب ڊويزن چانگ جي مين ريگيوليٽر بشير آباد موري تي نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو، جنهن دوران آبادگارن آبپاشي عملي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مٺو خان رند، نظر حسين رند، غلام رسول رند ۽ ٻين چيو ته گذريل 3 مهينن کان اسان جي شاخن ۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي، نصير واھه ۾ پاڻي اچي ٿو ته آبپاشي عملو شاخن جا در بند ڪري بااثرن کان ڳري رشوت وٺي ڊي اوز واٽر ڪورسن ۾ پاڻي پهچائين ٿا. نصير واھه ۾ پاڻي گهٽ ٿيڻ تي عملو شاخن جا گيٽ کولي ٿو، بااثر زميندارن کان آبپاشي عملو رشوت وٺي پاڻي پهچائي پيو، اسان وٽ پاڻي پهچي نٿو، ان ڪري پريشان آهيون ۽ جانور، پکي ۽ ٻار اڃ مري رهيا آهن، اسان جون زمينون آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان بنجر بڻجي رهيون آهن، 3 ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ايس ڊي او پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. هوڏانهن چمبڙ بڪيراڻي سب ڊويزن جي چاڪر شاخ، ميرانخواري شاخ ۽ زئور شاخ جي پڇڙي جي سوين آبادگارن ٻئي ڏينهن به آبپاشي آفيس جي مک گيٽ اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي. آبادگارن مقبول احمد لغاري، مولابخش لغاري، امير بخش رند، اشرف لغاري ۽ ارشاد لغاري ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان گذريل 2 مهينن کان احتجاج ڪندا پيا اچون، پر آبپاشي عملو توڙي چونڊيل نمائندا ٻڌن ئي نٿا، اسان مجبور ٿي مرڻ گهڙي تائين علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي آهي، جيستائين اسان کي حصي جو پاڻي نه ڏنو ويندو، تيستائين بک هڙتال جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button