پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ گٽر اٿلڻ سبب پراڻي بازار ۾ گندو پاڻي جمع

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي جي جامع مسجد ۽ ٿاڻي ڀرسان پراڻي بازار ۾ گٽر نالين توڙي گند ڪچري جي صفائي 10 مهينن کان نه ٿيڻ ڪري گٽر نالي ۽ بازار جي گھٽي گندگي سان ڀرجي وئي، گٽر اٿلڻ سبب صبح 7 بجي کان 11 وڳي تائين ۽ شام 4:30 وڳي کان رات 9 وڳي تائين گٽر جو پاڻي دڪانن ۾ داخل ٿيڻ لڳو آهي، جنهن سبب عيد جي خريداري متاثر ٿي رهي آهي. پراڻي بازار، ملڪ ملاح پاڙي، مهراج پاڙي، جهنڊو ملاح پاڙي، ڪنڀار پاڙي، مولوي پاڙي، اڳوڻي بئنڪ، سينيئر صحافي رمضان ترڪ جي دوڪان ۽ ٻين علائقن ۽ روڊن تي گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ گندو پاڻي بيهي رهيو آهي. رهواسين علي محمد ملڪ، حيدر ڪنڀار، آزاد ملاح، چيتن مهراج، حاجي محمد اشرف لغاري ۽ ٻين ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي امداد پتافي، ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ ٽي ايم او جھنڊو مري کان مطالبو ڪيو ته گٽر نالين جي صفائي ڪرائي ڪچرو کڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button