پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

مقصودو رند: مقصودو رند ۾ لنڊو شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن سجاد آرائين، شير زرداري، عثمان راجپوت، باغ زرداري ۽ گڊو جکرو جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب لنڊو شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جنھن ڪري اسان وونئڻن جو فصل ڪاھي ناهيون سگھيا، جيڪو ڪجهھ ڪاھيو آھي، اهو سڪي سڙي ويو آهي، آبپاشي عملي وارا رڳو ھڪ ھفتو مسلسل شاخ ۾ فل پاڻي ڇڏين ته اسان پنھنجا فصل ڪاھي سگھون، پر شاخ ۾ پاڻي ايترو ڇڏيو ويندو آھي جو واٽر ڪورسن تائين نه ٿو پھچي، جنهن سبب زمينون بنجر بڻجي ويون آھن ۽ چوپايو مال اڃ وگھي مري رھيو آھي. ھنن اپيل ڪئي ته اسان جي شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته اسان فصل ڪاھي سگھون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button