پاڪستانسنڌ

جمعته الوداع جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ يوم القدس ريليون

حيدرآباد: جمعته الوداع جي موقعي تي شيعا تنظيمن پاران سڄي سنڌ ۾ يوم القدس ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري اسرائيلي جارحيت خلاف نعريبازي ڪئي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، ماتلي، مٽياري، نندو، ميھڙ، خيرپور ناٿن شاهھ، نوابشاهه، نوشهروفيروز، نئون ڪوٽ، مقصودو رند، ٽنڊوالهيار، شھدادپور، ڊگهڙي، ٽنڊوآدم، مانجھند، سن، علي آباد، منظور آباد، ساھڙ آباد، انڙ پور، باڊهه، قمبر، مدئجي، بخشاپور، صالح پٽ، باڊهه، ڏوڪري، سڳيون، سيٺارجا، پيروسڻ ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. اڳواڻن چيو ته فلسطين تي اسرائيلي ظلم تي مسلمان ملڪ ۽ سڄي دنيا خاموش آهي، گڏيل قومن جو ادارو فلسطينين کي حق ڏيارڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي. هنن گهر ڪئي ته فلسطين تان اسرائيلي قبضو ختم ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button