پاڪستانسنڌ

جتوئي ڀائرن جي اقتدار جو سج ٻڏي ويو آهي: فياض ٻٽ

ٿرڙي محبت: سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون پ پ ايم پي اي فياض علي خان ٻٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران نيازي سرڪار جي نااهلي سبب بجلي پيدا ڪندڙ سمورا سسٽم بند ڪيا ويا هئا، ڪمپنين کي نيازي سرڪار ادائيگيون نه ڪيون هيون، جنهن سبب پوري ملڪ ۾ سنگين بجلي جو بحران پيدا ٿيو آهي، اتحادي حڪومت ڏينهن رات انهي ڪوشش ۾ آهي ته بجلي جي پيداوار تيزي سان وڌائي وڃي، ڪجھه ڏينهن ۾ سمورو مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته عمران نيازي ملڪ ۾ خانه جنگي ڪرائڻ ٿو چاهي، هڪ مهيني کان پنجاب ۾ ڪا حڪومت ناهي، پنجاب جي چونڊيل وڏي وزير کان حلف نه پيو کڻايو وڃي، عمران ۽ سندس پوري ٽيم ٺڳن جو ٽولو آهي، عمران خان اسلام آباد ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ جا خواب پيو ڏسي، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا. هن چيو ته هاڻي لياقت جتوئي جهڙن عمر رسيده سياستدانن کي مان شان سان رٽائرڊ ٿيڻ گهرجي، جتوئي ڀائرن جي اقتدار جو سج هميشه لا ٻڏي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button