سنڌ

مسجد نبوي جي توهين خلاف پ پ پاران اڄ احتجاج جو اعلان

مسجد نبوي جي توهين نامنظور، پيپلز پارٽي اڄ ڇنڇر ڏينهن پوري سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته. ان لاءِ پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪن سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائين. هن چيو ته مقدس هنڌن جي توهين ڪندڙن خلاف احتجاج ۾ هر مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي اپيل ڪريون ٿا. هن چيو ته رياست مدينه جي دعويدار پي ٽي آءِ مديني ۾ بيهي ڪري مديني جي بيحرمتي ڪري رهي آهي، رياست مدينه جي دعويدار عمران خان يزيد جي طرز تي عمل پيرا آهي، عمران خان ۽ ان جي ٽيم اقتدار وڃڻ کان بعد هوش ۽ حواس وڃائي ويٺا آهن، پي ٽي آءِ يهودي ايجنڊي تي عمل پيرا ٿي ڪري انتشار ۽ فساد ڦهلائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته عمران خان جي ايجنڊا اقتدار، ڪوڙ، انتشار، فساد ڦهلائڻ ۽ عوام کي برباد ڪرڻ آهي، يزيد جي پيروڪارن جي سازشن کي ناڪام بڻائينداسين ۽ اهڙن سازشن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، ٻين کي چور چوندڙ عمران خان سڀ کان وڏو مڪار ۽ ڌاڙيل آهي، هاڻي عمران خان کي پنهنجي چورين ۽ ڌاڙن جو حساب ڏيڻو پوندو، مسجد نبوي جي توهين آميز واقعي تي هر مسلمان ڏک ۾ ورتل آهي، عمران خان ۽ ان جو يهودي ايجنڊا عوام جي سامهون بينقاب ٿي چڪو آهي، عمران خان کي هاڻي مذهب ۽ رياست مدينه جي دعويٰ جي آڙ ۾ پنهنجي يزيدي ڪرتوتن جو قوم کي حساب ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button