پاڪستانپنجاب

شريف مافيا عيد کانپوءِ منهنجي ڪردار ڪشي ڪندي: عمران خان

ملتان: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شريف مافيا بينظير ڀٽو ۽ سندس والده جون جعلي تصويرون هوائي جهاز مان لاهور تي اڇلايون، جمائما خلاف يهودي لابي جي پوري مهم هلائي ۽ هاڻي عيد کانپو منهنجي ڪردارڪشي ڪئي ويندي، آئون جلد شريف خاندان جي ڪرپشن تي وائيٽ پيپر آڻي رهيو آهيان. ملتان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ۾ عمران خان چيو ته منهنجي هتي اچڻ جو مقصد اوهان کي اسلام آباد جو سڏ ڏيڻو آهي، مير جعفر ۽ مير صادق سان گڏجي چورن جو ٽولو مڙهيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ حقيقي آزادي جي جدوجهد لاءِ ٻار ٻار کي تيار ڪرڻو آهي ۽ ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button