پاڪستانسنڌ

پيرولاشاري ۾ لاڙ بچايو تحريڪ جو علي پور ريگوليٽر تي احتجاج

پيرولاشاري: پيرولاشاري ۾ لاڙ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر عبدالله چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ميرواھه تلھار ۽ ساحلي پٽي جي آبادگارن سميت پريس ڪلب جي ٽيم ساڻ ڪري علي پور ريگوليٽر وزٽ ڪيو. جنهن ۾ آبادگارن ۾ مير عارف ٽالپر، عبدالله چانڊيو، اسلم لاشاري، علي نواز لاشاري، ڀڳڙا ميمڻ جي عمران ٽالپر، عباس منڌرو، نياز منڌرو، رمضان منڌرو، جن علي پور ريگوليٽر تي پھچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

ان موقعي تي عبدالله چانڊيو چيو ته ڦليلي نان پيريل آھي، جنھن ۾ صرف 4 مھينن لاءِ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو. ھنن ٻڌايو ته ميرواھه، نصير واھه، چانري، مغل شاخ، مورجھر سميت ٻين واھن جو پاڻي علي پور ريگوليٽر ڦليلي کان اڪرم واھه ۾ ناجائز ڪٽ ڏنل آهي، جيڪو پاڻي ڪٽ مان ناجائز کڻي رھيو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته بدين ضلعي کي پاڻي ڏئي، انسانن سميت جانورن ۽ پکين جي زندگي بچائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button