پاڪستانسنڌ

ڪڍڻ ۾ داروغي واٽرڪورس ٽوڙائي ڇڏيا، پوڇڙ ۾ واري اڏامڻ لڳي

ڪڍڻ: آبپاشي سب ڊويزن قاضيا بدين جي گنج بحر شاخ جي پوڇڙ ۾ گذريل ٽن مھينن کان پوڇڙ ۾ پاڻي نه پھتو، مذڪوره سب ڊويزن جي ھلندڙ واري دوران گنج بحر تي رکيل داروغي پئسن عيوض واٽرڪورس ٽوڙائي ڇڏيا، شاخ جي پوڇڙ ۾ واري اڏامڻ لڳي، پاڻي نه ھئڻ ڪري مال اڃ مرڻ لڳو، آبادگارن جا پوکيل فصل ۽ مال جو چارو مڪمل سڙي ناس ٿي ويو، واٽرڪورس ٽوڙائڻ ۽ پاڻي پوڇڙ نه ٿيڻ بابت پوڇڙ جي آبادگارن عبدالمنان بوھڙ، منٺار ڀٽي، اعجاز چانڊيو، ڪمال داڙيو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ٽن مھنن کانپو اسان جي شاخ ۾ آيل پاڻي داروغي فضل منڌري پئسن عيوض واٽرڪورس ٽوڙائي پاڻي وڪرو ڪري رھيو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته پئسا وٺندڙ داروغي خلاف ڪارروائي ڪري پوڇڙ تائين پاڻي پھچائي، اسان کي ويتر معاشي نقصان کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button