پاڪستانسنڌ

فوجي جوان ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪري رھيا آھن: پروين منشي

ڀٽ شاهه: يونيورسٽي آف صوفي ازم ۽ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه ۾ وطن سان محبت ۽ وفاداري جي عنوان هيٺ ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي ڪئي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي استادن ڊاڪٽر قاسم ميمڻ، محمود ھاشم ڏيٿو، ڊاڪٽر گلزار احمد، جويريا ميمڻ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، وي سي پروين منشي خطاب ڪندي چيو ته اسان جا بھادر جوان ملڪي سرحدن جي حفاظت دل ۽ جان سان ڪري رھيا آھن.

جيڪا اسان سڀني لاءِ بهتر ڳالهه آهي، ڇو ته اسان جي وطن جي بقا پاڪ فوج، رينجرز ۽ ٻين سويلين ادارن سان ئي آهي، اھڙن لمحن ۾ اسين سڀ محب وطن پنھنجي ادارن سان گڏ آھيون، ھن چيو ته اسان سڀني کي به پنهنجي وطن جي حفاظت جي ذميواري کڻڻ گهرجي ڇو ته وطن آهي ته اسان جو وجود، بقا ۽ سلامتي به ان سان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button