سنڌڙي: سنڌڙي تعلقي جي شھر هنڱورنو ۾ ڪجهھ ڏينھن اڳ زيادتي جو نشانو بڻايل 10 ورهين جي معصوم شاگرد کي انصاف نه مليو، بااثر جوابدار جي گرفتاري ۽ شاگرد سان انصاف لا گورنمينٽ هائي اسڪول هنڱورنو جي استادن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي استادن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن غلام فاروق بروهي، آتم مل، ڊاڪٽر محمد اسماعيل شر، حبيب الله ڇڄڙو، جمال شر، اعجاز شر ۽ ٻين چيو ته بااثر جوابدار شاگرد سان زيادتي ڪري ظلم ڪيو، پوليس جي سستي سبب جوابدار عدالت مان عبوري ضمانت ڪرائي ورتي آهي. واقعي بعد شاگرد اسڪول اچڻ لا تيار ناهن. هنن گهر ڪئي ته جوابدار کي گرفتار ڪري شاگرد سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close