سنڌ

عادلپور ڀرسان چوري ڪرڻ تان جهيڙو،نينگري قتل،6 ڄڻا زخمي

عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ باگورو چاچڙ جي ٻن ڌرين ۾ صبح جو جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ نينگري آسيه چاچڙ قتل ۽ 3 ڄڻا اڪبر چاچڙ، مير چاچڙ غلام محمد چاچڙ زخمي ٿي پيا ۽ ٻي ڌر جو حافظ ضمير چاچڙ، محمد ايوب چاچڙ ۽ علاوالدين چاچڙ سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مقتول نياڻي جي وارثن چيو ته ڳوٺ جي بااثر شخص ربنواز چاچڙ، شفيع محمد چاچڙ، ظهير چاچڙ ۽ ٻين صبح جو سوير اسان جي گهرن مٿان هٿياربند ٿي حملو ڪري اسان جي معصوم نينگري کي قتل ڪري اسان جا چار ماڻھو غلام محمد چاچڙ، مير چاچڙ، اڪبر چاچڙ، سرور چاچڙ کي زخمي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر جي ربنواز چاچڙ ۽ ٻين چيو ته جوابدار عبدالحميد چاچڙ، اڪبر چاچڙ ۽ ٻيا منهنجي گهر ۾ گهڙي لائسنس وارو پسٽل، سولر پليٽ ۽ ٻيو سامان چُوري ڪري ويا، جنهن جي عادلپور ٿاڻي اين سي داخل آهي. هڪ جوابدار عبدالحميد چاچڙ گرفتار ٿيل آهي. ان چورين جو اعتراف ڪيو آهي. هنن نينگري کي قتل ڪرڻ جو ڊرامو ڪيو آهي، جنهن جي اسٽوري چورن جي ناني ايس ايس پي رفيق چاچڙ ٺاهي آهي. ايس ايس پي رفيق چاچڙ ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button