پاڪستانسنڌ

ڪي اين شاهه ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، عورت قتل، 7 ماڻهو زخمي

خيرپور ناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاھه ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ عورت قتل ٿي وئي. ٻن عورتن سميت 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب خيرپورناٿن شاهھ ڀرسان ڳوٺ بهادر پور ۾ چانڊين جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهھ تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ ڏنڊن ۽ ڪهاڙين جو استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت لال خاتون موقعي تي قتل ٿي وئي. ٻن عورتن سميت 5 ماڻهو محمد حسين، علي حيدر، علي گوهر، ظھير ۽ حبيب الرحمان زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي. لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ڪي اين شاهه آندو ويو، جتي ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين سميت عملو نه هجڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا. ان دوران زخمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهھ ڏينهن اڳ منھن ماري ٿي هئي، جنهن بعد غلام رسول، حمزه، اسد چانڊيو، محبوب چانديو، شاھد چانديو، قاسم چانڊيو ۽ فريدآباد واسي سعيد سيلرو سميت ٻين اسان جي گهر ۾ داخل ٿي ڏنڊن ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪيو، جنهن سبب عورت قتل ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا. ٻئي پاسي اسپتال جو عملو ٽن ڪلاڪن کانپو پهتو، جنهن بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button