پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ قتل جو مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج

راڌڻ: راڌڻ لڳ 6 مهينا اڳ مبينا زهر ڏئي قتل ٿيل ارشاد واڍو ڪيس جو مک جوابدار پوليس طرفان گرفتار نه ڪرڻ خلاف ناڪو چوڪ تي مقتول جي وارثن نوجوان جي ولاد سراج واڍي، عبيد ۽ بدرالدين واڍي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج دوران ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي مقتول جي والد سراج واڍو، عبيد، بدرالدين واڍي، زاھد واڍي، اعجاز، ڌڻي بخش، قادر، نظام الدين واڍي ۽ شيعه اڳواڻ فقير صابر حسين راڌڻ ڌرڻي کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته مک جوابدار ممتاز جتوئي کي گرفتار ڪيو وڃي. هنن چيو ته جوابدار سرعام اوطاق تي ويٺو آھي، پر پوليس کيس گرفتار نٿي ڪري، فريادين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين ھراسان ڪيو ٿو وڃي. ھنن ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪئي ته اسان خلاف داخل ڪيس ختم ڪري مک جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button