پاڪستان

شوال جو چنڊ نظر نه آيو، عيد الفطر سڀاڻي ٿيندي

اسلام آباد: مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هاڻ عيدالفطر 3 مئي اڱاري تي ٿيندي. عيد جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به هنڌ چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي وصول ناهي ٿي، ملڪ ۾ سڀاڻي 30هون روزو هوندو ۽ عيدالفطر 3 مئي اڱاري تي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button