حر جماعت جو روحاني پيشوا، جي ڊي اي ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جو سربراهه پير سيد صبغت الله شاهه پير پاڳارو عيدالفطر جي عيد ملهائڻ لا ڪراچي کان ڳوٺ درگاهه شريف پير جو ڳوٺ پهچي ويو. پيرپاڳارو ڪجهه ڏينهن پير جو ڳوٺ ۾ قيام ڪندو. پير پاڳارو عيدالفطر جي موقعي تي خانداني روايتن مطابق شاهي لباس ڪوٽ ڪلنگي پهري حر جماعت ۽ عقيدتمندن جي وڏي اجتماع کي ديدار ڪرائيندو ۽ روحاني خطاب پڻ ڪندو. ياد رهي ته ڪرونا وبا کانپو حرجماعت جو گهڻي وقت بعد اجتماع ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close