سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس جي چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ بيدي لاشاري جي رهواسين پوليس چڙهائي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رهواسين هادي بخش، احمد خان، عبدالستار، پيارل، خدابخش لاشاري ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته ٻه ڏينهن اڳ ڊي ايس پي احسان بليدي پوليس جي 20 موبائيلن سان گڏجي ڳوٺ تي بيگناهه چڙهائي ڪري وڏيري بادل خان لاشاري جي اوطاق، گهرن ۽ ٿريشرن کي باهيون ڏئي ڪڻڪ جون 300 مڻ ڪڻڪ، ڀاڻ جون 53 ٻوريون، 40 ٻڪريون، 20 مينهون، 300 سولر پليٽون، 3 سولر پلانٽ کڻي 7 عورتن ۽ 11 ٻارن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ قيد ڪري ڇڏيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته اسان بيگناهه آهيون ۽ اسان مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو ڪيس داخل ناهي پر ان باوجود پوليس بنا جواز گهرن تي چڙهائي ڪري تنگ ڪري رهي آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته گرفتار عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرائي ڊي ايس پي احسان بليدي ۽ ٻين اهلڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري چوپايو مال ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button