سنڌ

لاڙڪاڻي ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل بچت بازار ۾ شهرين جي رش

لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري ريگيوليٽر وٽ قائم ڪيل بچت بازار ڪالھه به جاري رهي. جتان ضلعي لاڙڪاڻي جي مختلف شهرن سميت ٻين علائقن سان واسطو رکندڙ غريب ماڻهن سستي اگھه تي اٽو، چانور، کنڊ، گيھه ۽ ٻيون شيون خريد ڪيون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ بچت بازار لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ اٽو، چانور، کنڊ، گيھه ۽ ٻيون شيون رکيون آهن، جيڪي عام بازار کان مناسب اگھه تي شهرين کي وڪرو ڪيون پيون وڃن. هوڏانهن بچت بازار مان خريداري ڪندڙ شهرين غلام نبي چانڊيو، علي شير کوکر، ربنواز ماڇي، شيراز شيخ، علي محمد چانڊيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي انتظاميا طرفان قائم ڪيل رمضان بچت بازار مان عام دڪانن کان سستي اگھه تي شيون ملي رهيون آهن، جنهن ڪري اسان هتان کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪرڻ لاءِ آيا آهيون. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جو هي قدم تمام ساراهه جوڳو آهي، ڇاڪاڻ جو مهانگائي جي دور ۾ غريب ماڻهن جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي ڀلاري مهيني ۾ اهڙو بهتر قدم کنيو آهي، جنهن سان فائدو حاصل ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button